تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مدي خارج اپيلون داخل ڪرڻ تي بلوچستان جي سرڪاري عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي عدالتن ۾ مدي خارج اپيلون داخل ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالھه هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو مشاهدي ۾ آيو آهي ته بلوچستان حڪومت طرفان اپيلون مدي خارج داخل ڪيون پيون وڃن اهڙي عمل سان عدالت جو وقت ضايع ٿئي ٿو. عدالت صوبائي حڪومت جي اھڙي عمل تي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته جيڪي سرڪاري اهلڪار اهڙو ڪم ڪن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، دير سان اپيلون داخل ڪرڻ سبب اپيلون خارج ٿي وينديون آهن.

Bookmark the permalink.