تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

مديجي ڀرسان پوليس جي مبينا چڙهائي: عورتن ۽ ٻارن تي تشدد: هڪ ڳوٺاڻو گرفتار: متاثرن جو احتجاج

ڳوٺ مغراڻي شر ۾ پوليس جي چڙهائي دوران هڪ ڳوٺاڻو زخمي، تراب شر کي کنڀي وئي

پوليس زيادتي ڪئي آهي، انصاف ڪيو وڃي: ڳوٺاڻن جو عورتن سوڌو احتجاج

مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي ڪاهه، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري وئي، ڳوٺ مغراڻي شر ۾ ڊکڻ پوليس ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، چرياڻ بگٽي شر زخمي ٿي پيو، هڪ نوجوان تراب شر کي گرفتار ڪيو ويو، شر برادري جي عورتن ۽ معصوم ٻارن مسمات رندياڻي شر، شبيره شر، لطيفه شر ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ڊکڻ پوليس بنا جواز اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪري تراب شر کي کنڀي کڻي وئي آھي، احتجاج ڪندڙ عورتن اپيل ڪئي ته گرفتاري جو نوٽيس وٺي ڊکڻ پوليس خلاف جاچ ڪئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته بيهڻ برادري جي گهرن مان چوري ٿي، ان جا پيرا هن ڳوٺ ۾ پيا آهن، هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.