تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مدئجي ۾ پوليس ڇاپا هڻي ٻن ڄڻن کي شڪارپور کڻي وئي

مدئجي(ن پ ا ) مدئجي ۾ سي آءِ اي پوليس اسٽيشن روڊ تي ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي انصاف شاهه پٽ هزارخان کي گرفتار ڪرڻ بعد شاهي بازار ۾ موبائل فون جي مستري ڳوٺ جندويرو واسي نوجوان عثمان ڀٽو کي دڪان تان گرفتار ڪري کنڀي کڻي ويا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سي آءِ اي انچارج ٻڌايو ته نوجوان انصاف شاهه مٿان ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي جڏهن ته جندوديرو واسي نوجوان عثمان ڀٽو پنجاب ۾ ڪار وڪرو ڪئي هئي جيڪا چوري ٿيل هئي ٻنهي جوابدارن کي شڪارپور کڻي وڃي رهيا آهيون.

Bookmark the permalink.