تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

مدئجي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي ڪارروائي، 3 ڄڻا گرفتار

مدئجي (ن پ ا ) مدئجي جي درگاهه شهيد علي حيدر شاهه ڀرسان جوڻيجا محلي ۾ جوڻيجا برادري جي گهرن تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌامراهه ٿاڻي جي پوليس ايس ايچ او علي حسن مغيري جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري گهرن جو سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران پوليس اهلڪارن ڳوٺ مان ٽن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي،پوليس ڪارروائي خلاف ڳوٺاڻن علي گوهر جوڻيجو،لال بخش جوڻيجو،رزاق جوڻيجو ۽ ٻين دانهيندي چيوته اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تان تڪرار هلندڙ آهي،جنهن تان پوليس بااثر باقر جوڻيجو جي ونگار وهندي بنا ڪنهن ڏوهه جي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي،هنن دانهيندي چيوته پوليس ڳوٺ مان وزير جوڻيجو سميت ٽن ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي،هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته ناجائزي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.