تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

مدئجي ۾ شاگرد جي گرفتاري خلاف وارث عورت جو احتجاج

مدئجي(ن پ ا )مدئجي ۾ منگي برادري جي عورتن ۽ مردن نائين ڪلاس جي/ شاگرد جي گرفتاري ۽ پوليس زيادتين خلاف ٿاڻي جي مک دروازي آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مسمات سکان، مسمات زرينا، مسمات نينان منگي دانهيندي چيوته پوليس وجاهت منگي تي چوري جو الزام لڳائي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. ٻئي طرف مدئجي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ اي ايس آء امتيازسومرو جي فرياد گرفتار ڪيل نائين ڪلاس جي شاگرد وجاهت منگي,ايازشاهه,عدنان ميراڻي سميت پنجن ڄڻن خلاف پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي,داخل ڪيل ڪيس ۾ 148,353,399,402 جا قلم لڳايا ويا آهن, هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هوته گرفتار نوجوان وجاهت منگي ٻه ڏينهن پهريان هندو سيٺ کان ڦر واقعي ۾ ملوث آهي جنهن جي جاچ لاءِ کيس گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

Bookmark the permalink.