تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

مدئجي ڀرسان مبينا نجي جيل تي ڇاپو، 60 ڄڻا بازياب

مدئجي(ن پ ا ) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ڪيٽي سميع الله شاھ ۾ عدالتي حڪم بعد مبينا نجي جيل تي پوليس ڇاپو هڻي ڪولهي برادري جي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 60 کان مٿي ماڻهن کي تحويل ۾ وٺي کين سامان سميت مدئجي ٿاڻي تي پهچايو،پرڀو، پرڪاش، مسمات گڏي، سونو، نارول، لعل چند، مينا، جيٿو، ريشما، ميرو، جمنا، راجا، گيني، سيتا، ڀورو، ڪويتا، جمي، ڇترو، مسمات پري، ڪشور، آرتي ديوي، هيمي، رگهو، ليمون، مسمات ونيتا، وڪرم ۽ ٻيا شامل بازياب ٿيلن ۾ شامل آهن.ايس ايچ او مدئجي رابطو ڪرڻ تي سيشن ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروائي ڪري باندي بڻايل 60 ڄڻن کي بازياب ڪرايو، باقي ڪجهه عورتون ۽ ٻار اتي موجود هئا جن جا مرد موجود نه هجڻ سبب انهن اچڻ کان انڪار ڪيو، سڀني کي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وڌيڪ ڪورٽ سڳوري جي حڪم بعد ڪارروائي ڪئي ويندي،هوڏانهن مبينا نجي جيل مان بازياب ٿيلن جو چوڻ هو ته اسان بدين ضلعي جا رهواسي آهيون,اسان کي هتي ڪڙمت بهاني آڻي ڪيتري عرصي کان زبردستي قيد ڪيو ويو هو،جنهن کان تنگ اچي اسان جي وارثن ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي.

Bookmark the permalink.