تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

مختلف قبيلن جي 70 کان وڌيڪ ڏوهارين ڏوهن جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو: هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ ۾ تقريب دوران ڏوهارين عام توڙي جديد هٿيار رينجرز حوالي ڪيا

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ڏوهن جي دنيا ڇڏيندڙن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي مختلف قبيلن سان واسطو رکندڙ 70 کان وڌيڪ ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. ڪنڌڪوٽ ۾ شھباز رينجرس 82 ونگ هيڊڪواٽر ۾ تقريب دوران ڏوهارين ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪيو ۽ هٿيار ڦٽا ڪيا. تقريب جي صدارت سيڪٽر هيڊڪواٽر شهباز رينجرس سکر جي ڪمانڊرڪرنل محمدسجاد، ڪمانڊر ونگ ڪرنل محمد عامر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ اسد رضا شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف قبيلن تيغاڻي، جاگيراڻي، سبزوئي، جتوئي، سرڪي، نندواڻي سيمت مختلف برادري جي 70 ڏوهارين عام توڙي جديد هٿيار رينجرز جي ڪرنل محمد ساجد حوالي ڪيا ۽ ڏوهن جي دنيا کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. انهن ۾ ساٿي تيغاڻي، مبارڪ پٽ فيروز تيغاڻي،نور محمد پٽ علي محمد تيغاڻي، نثار پٽ ارباب سبزوئي، عبدالمجيد ولد جيوڻ جاگيراڻي، عبدالقادر سندراڻي، سونو پٽ سعيد احمد جعفري، غلام اڪبر پٽ گل محمد ميراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. تقريب دوران رينجرز ڪرنل ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڏوهن جي دنيا ڇڏيندڙن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون.

Bookmark the permalink.