تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

مخالف ڌر کي فون ڪري اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيو ويو: پ پ ايم اين اي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي آغا رفيع الله دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف ڌر جي ميمبرن کي فون ڪري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مختلف ميمبرن کي فون ڪالون ڪري چيو ويو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ نه وڃو، جن ماڻهن کي فون ڪالون آيون آهن انهن ان بابت پنهنجي پارٽي قيادت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، مخالف ڌر جي قيادت ان باري ۾ کليل نموني ڳالهايو آهي. هن چيو ته فون ڪالون نامعلوم ماڻهن جون هيون، تعارف نه ڪرايو ويو هو جيئن وفاقي وزير علي زيدي کي رپورٽ جي ڪاپي ملي هئي ائين ئي فون ڪالون آيون، هن ڪلمو پڙهي چيو ته مون کي مخالف ڌر ۽ حڪومت جي ميمبرن چيو ته اڄ توهان کي جمهوريت جو اصل چهرو نظر اچي ويو هوندو. هن سموري عمل تي تمام گهڻو افسوس ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اسپيڪر اسد قيصر کي اشارو ڪري روڪيو ته بلاول کي ايوان ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو وڃي. جنهن بعد هن بلاول کي ڳالهائڻ نه ڏنو حالانڪه پهرين هو ايوان ان جي حوالي ڪري چڪو هو، ان ڳالهه جو شفقت محمود به شاهد آهي ۽ ان جي رڪارڊنگ پڻ موجود آهي.

Bookmark the permalink.