تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ بعد وزيراعظم ايوان ۾ پهچي خطاب ڪيو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي مان مخالف ڌر پاران واڪ آئوٽ ڪري وڃڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ پهچي ويو، وزيراعظم عمران خان لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪ ايوان ۾ موجود رهيو، جڏهن وزيراعظم خان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ اٿيو ته حڪومتي ميمبرن سيٽن تي بيهي ڊيسڪون وڄائي ڪير بچائيندو پاڪستان عمران خان عمران خان، تنهنجو شان منهنجو شان عمران خان جا نعرا لڳايا. وزيراعظم عمران خان تقرير جي شروعات ۾ پنهنجي پارٽي، اتحادين، عورت ميمبرن ۽ اقليتي ميمبرن جا ٿورا مڃيا.

Bookmark the permalink.