تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

محمد عامر مڪي آرٿر کي دنيا جو بهترين ڪوچ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي فاسٽ بالر محمد عامر مڪي آرٿر کي دنيا جو بهترين ڪوچ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ محمد عامر اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي ارٿر کي سالگرهه جون واڌايون ڏنيون آهن.محمد عامر پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته مڪي آرٿر صاحب! مون لاءِ اوهان دنيا جا بهترين ڪوچ آهيو.ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪي آرٿر جي معاهدي ۾ گذريل سال ورلڊ ڪپ کانپوءِ واڌ نه ڪئي وئي هئي، آرٿر هاڻ سريلنڪا ٽيم جو هيڊ ڪوچ آهي.پاڪستان جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي عهدي جو مدو ختم ٿيڻ بعد فاسٽ بالر محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي خير آباد چئي ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته مان پاڻ کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تائين محدود رکڻ گهران ٿو، پر تازو ئي پي سي بي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ محمدعامر کي شامل ناهي ڪيو. هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق سينٽرل ڪانٽريڪٽ جا نالا تجويز ڪيا هئا، محمد عامر ۽ وهاب رياض کي شامل ناهي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.