تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

محرابپور ۾ گندگي ختم نه ٿي، روڊن تي گندو پاڻي بيٺل، رهواسي ڏچي ۾

محرابپور ( رپورٽ : محسن ملاح ) محرابپور ۾ گندگي ختم نه ٿي سگھي آهي، روڊن تي گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري رهواسي ڏچي ۾ پئجي ويا آهن. ان ڏس ۾ محرابپور ٽائون جي انتظاميا جي نااهلي سبب شهيد بينظير ڀٽو چوڪ کان ڪوٽڙي ڪبير ڏانهن ويندڙ رستي تي گندو پاڻي بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهي. شهرين اشفاق ملڪ، بابو ملاح ، اويس آرائين ۽ ٻين رهواسين چيو ته چئن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اسان جي علائقي اندر ٽائون چيئرمين پاران ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي، گهٽيون ۽ روڊ هيٺ ٿي وڃڻ سبب اسان جي علائقي اندر نالين جو گندو پاڻي بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهي انتظاميا جي نااهلي سبب گندو پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران اسان جي گهرن، گهٽين، دڪانن، مسجدن ۽ امام بارگاهن آڏو بيٺل رهي ٿو جنهن ڪري بدبوءِ، مکين ۽ مڇرن ۾ واڌ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهيو جڏهن ته مسجدن ۽ امام بارگاهن آڏو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مقدس ماڳن جو تقدس پامال ٿي رهيو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. هنن وزير اعليٰ کان مطالبو ڪيو آهي ته نااهل ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان جي علائقي مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي اسان کي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.