تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

محرابپور ۾ دڪاندارن جو بدامني خلاف ٻئي ڏينهن به مظاهرو

محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي نيو ٽائون واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڏھ کان وڌيڪ دڪانن مان لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ خلاف دڪاندارن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي دوڪاندارن راشد ملڪ، علي مغل، انيل مارواڙي ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم چور دڪانن جو ڇتيون ٽوڙي لکين روپيا نقد ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، جڏهن ته پوليس اڃا تائين نه جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ نه ئي سامان واپس ڪرايو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

Bookmark the permalink.