تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

محبت ڏکي شئي آهي جيڪا مون کان نٿي ٿئي: نيلم منير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا نيلم منير جو چوڻ آهي ته منهنجي هميشه ڪوشش هوندي آيه ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکان جڏهن ته مان ڪنهن جي به معاملي ۾ دخل اندازي نه ڪندي آهيان. پاڪستان جي مشهور اداڪارا ميلم منير هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته انڊسٽري ۾ اچڻ کانپوءِ زندگي ۾ گهڻيون تبديليون آهن ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ذميوار به ٿي وئي آهيان. ڪيريئر ٺاهيندي رڳو ڪم تي ڌيان ڏنو. ڪير منهنجي بابت ڇا سوچي ٿو يا ڪهڙي راءِ ڏئي ٿو ان تي مان ڪڏهن ناهي سوچيو. منهنجي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته ڪم سان ڪم رکان جڏهن ته مان ڪنهن به معاملي ۾ دخل اندازي نه ڪندي آهيان. اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو منصوبابندي ڪري ناهي هلندي جيڪڏهن اڳتي هلي کيس شوبز ڇڏڻي پئي ته ڇڏي ڏيندي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته کيس ڪاميڊي فلمون ڪرڻ پسند آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن مان 9 نائين ڪلاس ۾ هيس ته پهريون ڪمرشل ڪيو هو اڄ به مان پنهنجي ماءُ جيان بڻجڻ چاهيان ٿي اها منهنجي آئيڊيل آهي، امي اسان جي پرورش بهترين انداز ۾ ڪئي اسان کي ڪڏهن احساس نه ٿيڻ ڏنو ته اسان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اداڪارا محبت ۽ شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته محبت ڏکي شئي آهي جيڪا مونکا ن نٿي ٿئي جيڪو مون سان محبت ڪندو ان کي منهنجي دل تائين پهچڻو پوندو جيڪو ڏکيو ڪم آهي. مان پنهنجا سمورا معاملا الله تي ڇڏيندي آهيان جيڪو ٿيندو آهي بهتر ٿيندو آهي. زندگي جو هر سڪون مون وٽ آهي ڪاوڙ گهٽ ڪندي آهيان جڏهن ته ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳڀري آهيان جڏهن ته مان ماڻهن ۾ وڌيڪ اميد نه رکندي آهيان. مونکي الله اتي پهچايو جتي مان سوچيو به نه هو مون وٽ سڀ ڪجهه آهي. واضح رهي ته ڊراما سيريل قيد تنهائي ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪندڙ من موهڻي اداڪارا نيلم منير 30 ڊرامن ۽ 5 ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

Bookmark the permalink.