تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

محبت سان ٺهيل کاڌو کائڻ سان ڪا بيماري نٿي ٿئي: ماهرا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ماهرا خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو وڌيڪ کاڌو کائڻ جي حوالي سان پريشان ماڻهن کي ڄاڻ ڏيندي نظر اچي رهي آهي. اداڪارا ماهرا خان جي ڳڻپ پاڪستان جي خوبصورت اداڪارائن ۾ ٿئي ٿي جنهن جي سونهن جي ساراهه پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته ڀارتي ته ماهرا خان جي خوبصورتي جا ديوانا آهن. ماهرا خان خوبصورت هجڻ کانسواءِ اسمارٽ به آهي جڏهن ته سندس مداح سوچيندا هوندا ته ٻين فنڪارن جيان سخت ڊائٽنگ ۽ ورزش ڪندي هوندي تڏهن ايتري خوبصورت نظراچي ٿي پر ماهرا خان ان حوالي سان ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي. تازو وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ماهرا خان اداڪار ۽ هدايتڪار سرمد کوسٽ سان هڪ ڪوڪنگ شو ۾ نظر اچي رهي آهي جنهن ۾ سرمد کوسٽ کانئس پڇي رهيو آهي ته ڇا اوهان جي زندگي ۾ ڪو فوڊ منترا آهي؟ يا اوهان کائڻ بابت ڪا ڄاڻ ماڻهن کي ڏيڻ چاهينديون؟ جنهن تي ماهرا خان چيو ته والد جو چوڻ آهي ته جڏهن پيار سان کاڌو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ انسان خوشي سان کائي ٿو ته نه ڪا بيماري ٿئي ٿي ۽ نه ئي ٿولهه ٿئي ٿي ۽ انسانن کي کاڌي بابت ناڪاري سوچ نه رکڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.