تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

محبت ديري ۽ ڀرپاسي ليمن جا باغ پورهيتن جي گذر سفر جو ذريعو بڻيل

محبت ديرو : محبت ديرو ۽ ڀرپاسي  ھزارين ايڪڙ ليمن جا باغ پورھيتن جي گذر سفر جو ذريعو بڻيل آهن، سوين مڻ ۽ ھزارين پيتون روزاني مارڪيٽ پھچايون وڃن ٿيون. محبت ديرو جي مختلف علائقن ۾ ليمن جا ھزارين ايڪڙن تي باغ آھن، هڪ اندازي موجب باغن مان 30کان 40 ھزار پيتون روزاني حاصل ٿين ٿيون. روزانو سوين پورھيت ليما پٽي پيٽ گذر ڪن ٿا، محبت ديرو ۽ آسپاس جي باغن جو ليمون ڪراچي“حيدرآباد“سکر“لاڙڪاڻو“لاھور “ملتان“راولپنڊي سميت سنڌ۽ پنجاب جي مختلف منڊين تائين تائين پھچي ٿو، ليمن جي 10 ڪلو واري پيتي 600کان 800 تائين وڪرو ٿئي ٿي. ليمان پٽيندڙ پورھيت کي 250کان 300سؤ رپيا ڏھاڙي ملي ٿي، جڏھن ته ھزارين ايڪڙن تي ليمن جا نوان باغ پڻ رکيا ويا آھن، جيڪي ٻن ٽن سالن اند تيار ٿي ويندا. ليمن جا باغ ھتان جي غريب طبقي جي ماڻھن جي گذر سفر جو اھم ذريعو آھن. سوين غريب خاندان روزانو ليما پٽي گذر سفر ڪن ٿا. ليمن جي سيزن شروع ٿيڻ سان ئي ليمن جون ھزارين پيتون ملڪ جي مختلف شھرن جي منڊين تائين پھچايون وڃن ٿيون، جيئن ميرپورخاص جو انب مشھور آھي تيئن ھتان جو ليمون ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ مشھور آھي ،

Bookmark the permalink.