تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

محبت ديرو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، پيءُ قتل، 3 پٽ زخمي

ڪنڊيارو (ن پ ا) محبت ديرو شھر جي هڪ هوٽل تي گرڙي ڪري سامهون ويٺلن جي پيرن ۾ ڦٽو ڪرڻ سبب سيال ۽ لنجار برادري جي ماڻھن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ حويلي سيال جو رهواسي اڪبر سيال ۽ سندس ٽي پٽ زخمي ٿي پيا، اڪبر سيال کي نازڪ حالت ۾ ڪنڊيارو آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه نيو ويو. جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته سندس ٽي پٽ سجاد، امداد ۽ پٺاڻ ڪهاڙيون ۽ ڪوڏرون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو داخل ڪرايو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

Bookmark the permalink.