تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مبارڪپور ويجهو زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ عورت سميت 13 ڄڻا زخمي

مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ويجهو زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي. ڳوٺ جمن شاھ ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي تي لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ علي گل، ڪاڪو، صيفل، مومن، سڪندر، شمن، هوڏي ڦلو، علي، بختاور، نويد، علي محمد، غلام ياسين ۽ غلام مصطفيٰ شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتان سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکـڙيل آهي، جڏهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زمين جي مالڪي تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.