تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ماھيگيرن جا وارث اڄ به سندن اوسيئڙي ۾ سمنڊ ڪنارا تڪيندا رھن ٿا

سجاول/ جاتي: طوفان دوران گم ٿي ويل ماھيگيرن جا وارث اڄ به سندن اوسيئڙي ۾ سمنڊ ڪنارا تڪيندا رھن ٿا، وارثن کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ھو پيارن جي موت جو يقين ڪري سندن ورسيون ملھائين يا ڀارتي جيلن ۾ قيد ھجڻ جو آسرو رکي سندن اوسيئڙي ۾ لڙڪ لاڙين. اجڙيل خاندانن جي وارثن مسمات بچائي، الھڏنو، سومل، حاجران، سڪيلڌو ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي چيو آھي رات وچ ۾ جيڪا وارتاگذري سان قيامت کان گھٽ نه ھئي ھنن ساروڻيون ساريندي ٻڌايو ته طوفان ۽ برسات ۾ ڪنھن کي ڪنھن جي خبر نه رھي اڌ رات جو تيز ھوا سبب گھر ستل ماڻھن مٿان ڪرڻ لڳا ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي کين لوڙھي کڻي ويو ڪيترائي لاش لڙھندي ڏٺاسين پر کين ڪڍي نه سگھياسين ڪيترن ئي معصومن جا پتڪڙا مڙھ تمر جي وڻن تي ٽنگيل مليا، ماڻھو چرين جيان دانھون ڪندا پيارن کي ڳوليندا رھيا پر طوفان ماڻھن ۽ ٻيڙن سان گڏ اميدون ۽ خوشيون به لوڙھي کڻي ويو ھنن چيو ته 21 سال اڳ گم ٿي ويلن جو ڪو پتو ناھي مليو سندن لاش ملن ته به دل کي تسلي ٿي وڃي خبر ناھي پر چون ٿا ته طوفان ۾ ڀٽڪيل ڪيترائي ماھيگير ڀارتي جيلن ۾ قيد آھن اسان کي به آس آھي ته متان اسانجا پيارا قيد ھجن ۽ ھڪ ڏينھن موٽي اچن ان اميد تي سندن واٽون نھاري رھيا آھيون ھنن چيو ته طوفان اسان کان جگر جا ٽڪرا کسي ورتا ھاڻي زنده لاش بنجي جي رھيا آھيون

Bookmark the permalink.