تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

ماڻهن سان ملندي محتاط رهندي آهيان: پريانڪا

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته هو ۽ سندس مڙس نڪ جونس ماڻهن سان ملڻ جي حوالي سان انتهائي محتاط رهندا آهن ڇو ته اسان ٻنهي کي صحت بابت مسئلا آهن. هڪ انٽرويو دوران پريانڪا ٻڌايو ته هو دمي جي بيماري ۾ مبتلا آهي جڏهن ته سندس مڙس شگر جو مريض آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن سان ملڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ احتياط ڪندا آهيون. هن چيو ته ڪم جي حوالي سان گذريل ڪجهه مهينا بهتر رهيا آهن لاڪ ڊائون دوران انٽرويوز ۽ وڊيو لنڪ ميٽنگز ۾ شرڪت ڪرڻ تي اداڪارا خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خوشي آهي جو وڊيو ميٽنگز ٿين ٿيون. ٽريفڪ ۾ ڦاسڻو نٿو پوي. 38 ورهين جي پريانڪا چوپڙا پنهنجي مڙس نڪ جونس سان گڏ لاس اينجلس ۾ رهي ٿي ۽ هن لاڪ ڊائون کانپوءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.