تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ماڪڙ گھٽ هئي جو ٻيا جيت اچي ويا: ساڪري ۾ وونئڻن تي سُنڊين ۽ مهلي جو حملو

سائي مهلي، اڇي مک، لشڪري سنڊي، ٿرپس جهڙن زهريلن جيتن فصل تباهه ڪري ڇڏيا

پٽ مڙي، ڪنڊبگهاڙ ۽ دٻو ۾ زهريلن جيتن وڌيڪ حملو ڪيو

ميرپور ساڪرو: (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) ميرپور ساڪري جي ساحلي پٽي ۾ پوکيل سوين ايڪڙ وونئڻن جي فصل تي اڇي مک، سائي مهلي، لشڪري سنڊي، ٿرپس ڪهڙن زهريلن جيتن
حملو ڪري فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ تعلقي ميرپورساڪرو جي ساحلي ماڳ پٽ مڙي، ڪنڊبگهاڙ ۽ دٻو ۾ پوکيل ونئڻن جي فصل تي لشڪري سنڊي، اڇي مک، سائي مهلي، ٿرپس ۽ ٻين زهريلن جيتن جي حملي کان پوء سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿيڻ لڳو آهي، جيتن جي حملي سبب وونڻن ۾ گل ٻاٽي وارا گل ڇڻي ويا آهن، جڏهن ته پوکيل فصل تي لکين روپين جون دوائون پڻ اسپري ٿي چڪيون آهن، جيڪي نقلي هئڻ سبب فصل کي ڪو به فائدو ناهن ڏئي سگهيون، جنهن کانپوء وونڻن جي فصل جا آبادگار سخت پريشاني جو شڪار ٿي چڪا آهن. آبادگارن مرتضيٰ لاشاري، فريد بڪيرو، علي بخش مري، اميربخش مليپوٽو، شڪيل احمد بلوچ، شريف احمداڻي، موسيٰ سمون ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي پٽي ۾ پوکيل وونڻن جو فصل جيڪو هن وقت گل ٻاٽي جي عمر ۾ آهي، جنهن تي اوچتو زهريلي جيتن حملو ڪري اسان جي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل چٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان لکين رپين جون دوائون پڻ استعمال ڪري چڪا آهيون، پر ڪو به فائدو نظر نه آيو آهي. اسان زراعت جي وزير ۽ ٻين زراعت جي شعبي سان واڳيل اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن سال جون سمورين ڍلون، عشر آبيانو، خريف ۽ ٻيا سڀئي زرعي قرض آبادگارن کي معاف ڪري کين رليف ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.