تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ماڪڙ مختلف شهرن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ جون تباهه ڪاريون جاري، فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا، آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي. ان موجب ڦل شھر جي مختلف ڳوٺن ۾ ماڪڙ جا وڏي تعداد ۾ ڪٽڪ لٿل جنھن سبب مختلف ڳوٺن علي آباد، ڳوٺ ٻاڦو، ڪلرو، قبول لاشاري، عرس فقير ڦل، صادق آباد، ابڙاهو، آچر کوسو، ڳوٺ واسڻي، گل بيگ مري، نور محمد راڄپر، واسڻي، احمد خان رند، غلام قادر، ڳوٺ الھرکيو مري، ڳوٺ عيسه خان مري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ماڪڙ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جي فصل، ڀاڄين، ڀينڊين، گوار، جنتر جي گاھ سميت مختلف وڻن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ زمين تي پھچي ماڪڙ کي مختلف طريقن سان ٽين ڊٻا وڄائي تڙيندا رھيا پر ماڪڙ فصل ۾ وڏي تعداد ۾ پھچڻ شروع ٿي وئي آھي. ڏوڪري شهر سميت ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ وڪڙو، ڳجهڙ، منڌرا، سيهڙ، ويهڙ، صوبدار سرگاڻي، ڪاراڻي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ماڪڙ پهچي وئي آهي. جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ جي ڪٽڪن سارين جي فصل سميت جوئر ٽماٽا، گوبي، پالڪ، مٽر، سائو گاھ ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهچائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پر ان باوجود زراعت کاتو ڏوڪري ننڊ ستل آهي، زراعت کاتي پاران ماڪڙ جي خاتمي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. هوڏانهن پکو ۽ آسپاس جي علائقن تي ماڪڙ جا جهر ڪٽڪ جي صورت ۾ لھي پيا، ماڪڙ وڻ ٻوٽا ۽ پوکيل ساريالو ٻيجارو کائي ناس ڪري ڇڏيو. جڏهن ته آبادگارن توڙي هارين جا هٿ پريشانين سبب مٿي تي اچي ويا. ٻئي طرف نئون ديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ جو فصلن تي هڪ ڀيرو ٻيهر حملو. لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ زمينن ۾ پوکيل ساريالي فصل جو ٻيجارو توڙي رونبي سميت انبن، زيتونن جي باغن سميت سبزيون کائي ناس ڪري ڇڏيون. آبادگار زمينن ۾ پهچي ٽين کڙڪائي توڙي ڌوهان دکائي ماڪڙ کي ڀڄائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪندا رهيا. هوڏانهن.مورو شھر ۾ به ماڪڙ پھچي وئي، مورو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن جڏھن ماڪڙ کائي کٽائڻ جو پڻ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. مورو جي مختلف علائقن ملڪ، ڏيپارجه، ڪانڌڙا ڪالوني، ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي، اڀريو شاھ، مناھي، ڳوٺ پنھل خان مستوئي، ڳوٺ ھوت خان بھراڻي، ڳوٺ عالم خان بگٽي، محمد يعقوب سابقي، مھراڻ ڪالوني، رمضان چانڊيو ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پھتل آھن ماڪڙ وونئڻن، جنتر، ساريون، جوار، ڪمند، سرنھن سميت ٻيا فصل * وڻ کائي تباھ ڪري ڇڏيا. آبادگارن ھارين ماڪڙ ڀڄائڻ سان گڏ کائڻ جو پڻ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي، آبادگارن ھارين ڳوٺاڻن پاران سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان وڌيڪ نقصان کان بچائي اسپري ڪرائڻ جي گھر ڪئي. هوڏانهن راڌڻ ۾ ماڪڙ خلاف اثرائتا قدم نه کڻڻ تي نوجوان سماجي اڳواڻن عامر ٿلھو مير جان بروھي، شھزاد لوھر ۽ علي سخا منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوانن چيو ته ماڪڙ سنڌ سميت ڀرپاسي جي علائقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي پر ان خلاف ڪي به قدم نه کنيا ويا آھن نه ئي اسپري ڪرايو ويو آھي جيڪا ضلعي انتظاميا مايوس ڪيو آھي. ھنن وڏي وزير سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ماڪڙ خلاف متاثر علائقن جي آبادگارن جي ڍل معاف ڪرڻ سميت سندن سھائتا ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.