تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ماڪڙ جو فصلن کانپوءِ پي آءِ اي جي جهاز تي به حملو

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ماڪڙ جو پي آءِ اي جي جهاز تي حملو. سوشل ميڊيا تي پي آءِ اي جهاز جي هڪ تصوير وائرل ٿي آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو جهاز ڪراچي کان جيئن ئي ڪوئيٽا پهتو ته ماڪڙ حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران ڪپتان جهاز کي حفاظت سان ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرايو. ماڪڙ جي حملي سبب جهاز جي ونڊ اسڪرين ۽ اڳين حصي تي نشان ڇپجي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو پي آءِ اي جي اڏام ڪي پي 310 سان پيش آيو.

Bookmark the permalink.