تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

ماٿيلي ۾ اغوا ڄاڻايل ناري پسند جي شادي ڪري ورتي، ڪيس داخل

ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو ۾ اغوا ڄاڻايل لڇي رام پاڙي جي رهواسي ناري سِمرن نوجوان روي ڪمار سان پسند جي شادي ڪري ورتي آهي. سندس وڊيو بيان منظر عام تي اچي ويو. جڏهن ته ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي ناري جي مڙس سوڌو 5 جوابدارن خلاف اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي اجيت ڪمار جي فريادي تي سندس ڌيءُ سمرن ڪماري جو اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ روپي ڪمار، ڪندن لال، مهيش لال ۽ دليپ ڪمار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ناري جي وارثن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار روي ڪمار والدين سان گڏجي زبردستي سمرن کي اغوا ڪيو آهي، پوليس ناري کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري. ٻئي طرف اغوا ڄاڻايل ناري سمرن ڪماري جو وڊيو بيان به منظرعام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾سندس چوڻ آهي ته هُن رضا خوشيءَ سان نوجوان روي ڪمار سان پسند جي شادي ڪئي آهي، مائٽ زبردستي ٻئي هنڌ شادي ڪرائڻ پئي گهري، جنهن ڪري روي سان شادي ڪئي آهي. ميرپور ماٿيلو پوليس پنوعاقل ۾ چڙهائي ڪري روي ڪمار جي ڀاءُ ڪندن لال کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي.



Bookmark the permalink.