تازا ترين
  • *ڳڙهي ياسين ويجهو 6 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ جوڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪراچي مان گرفتار *شهزادو جتوئي ۽ نصرت لاشاري قتل ڪيس ۾ ملوث احسان لاشاري کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو *
  • *جهڏو واسڻ ناري کي مبينا پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش *14ورهين جي اربيلا جروار پيءُ ۽ ڀاءُ سميت ڊگهڙي ۾ صحافين وٽ پهچي وئي *امڙ 2 لک روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فرار ٿي ڊگهڙي ۾ مائٽن وٽ آئي آهيان: اربيلا جروار *امڙ بااثرن سان گڏجي بابا خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: ناري*
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

ماٿيلي ويجھو پيش امام جو مسجد مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ميرپورماٿيلو(ن پ ا)ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ محمد مراد ڪولاچي مسجد اندر پيش امام جو ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي، اطلاع تي ٻيلو ميرپورپوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاس وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود وارثن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته عبدالقدير ڪولاچي ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام هو جتي ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف به پڙهائيندو هو. انهن چيو ته عبدالقدير خودڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور وحيد ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو پيش امام مسجد اندر پاڻ کي بند ڪري دروازو ڏيئي تيز ڌار اوزار سان پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي ڪئي آهي ان چيو ته پوليس پاڻ وڃي مسجد جي دري ڀڃي لاش ڪڍيو جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي.

Bookmark the permalink.