تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ماورا حسين پاران ذهني دٻاءُ جو شڪار هجڻ جو اعتراف، شرمسار نه آهيان: ماورا

ڪراچي (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا ۽ اداڪاري ذريعي شهرت جي اوچاين کي ڇهندڙ اداڪارا ماورا حسين ذهني دٻاءُ جو شڪار هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪيفيت بابت ٻڌائڻ تي شرمنده نه آهيان. اداڪار تازو انسٽاگرام تي پنهنجي دماغي صحت جي جدوجهد جي حوالي سان هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هي هڪ سال اڳ ذهني دٻاءُ واري ڪيفيت جو شڪار ٿي هئي. اداڪار فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي ڊرامي جي مختصر وڊيو شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن اهو به ٻڌايو ته هي ڊرامو سندس دل جي ويجهو آهي. ماورا حسين پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته اسان سڀني جي زندگي ۾ ڏکيو وقت ايندو آهي، مان خوش قسمت آهيان جو منهنجو ڪم مونکي منهنجي ڏک جو اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اداڪارا ٻڌايو ته مونکي ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي هڪ سال ٿي ويو آهي مان هاڻي ان ڳالهه تي شرمنده ناهيان ڇو ته اهو منهنجي زندگي جو حصو آهي جيئن آسمان نيرو هوندو آهي پر هاڻي مان حقيقي طور تي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ماورا حسين پنهنجي ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت جي حوالي سان وڌيڪ چيو ته جڏهن به مونکي گهٻراهٽ ٿيندي آهي ته ان وقت مان پنهنجي گهر وارن ۽ دوستن کان پري نه ويندي آهيان پر انهن کي ان بابت ٻڌائيندي آهيان، اهڙي ريت مان پنهنجي ڪيفيت سان پاڻ کي وڌيڪ مضبوط محسوسو ڪندي آهيان. ماورا جو چوڻ هو ته مان اهو سڀ ان لاءِ ٻڌائي رهي آهيان جو مان چاهيان ٿي ته جيڪي ماڻهو به ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن اهي ان ڳالهه تي شرمسار نه ٿين. اداڪار عدنان ملڪ به ڪجهه ڏينهن اڳ ڊپريشن جي حوالي سان انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.