تازا ترين
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ماها جو موت ڪيئن ٿيو ؟ ميڊيڪل بورڊ جوڙائڻ لاءِ عدالت سان رابطو: رشيد رضوي جون خدمتون حاصل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر ماها شاهه جي والد آصف شاهه ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ ڪراچي جي مقامي عدالت سان رابطو ڪري ورتو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ وٽ درخواست داخل. ڊاڪٽر ماها جي والد ڪيس جي پيروي لاءِ سينيئر قانوندان رشيد اي رضوي ۽ سندس پٽ عباس رشيد جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون، آصف شاهه جي وڪيل عباس رشيد داخل درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پوليس ڊاڪٽر ماها جي واقعي کي آپگهات قرار ڏنو، جڏهن ته خودڪشي جي واقعي جي حساب سان ثابتيون جمع ڪيون، درخواست ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر ماها آپگهات معاملي جي هر سطح تي جاچ لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، اڳ ۾ آيل ميڊيڪل رپورٽ موجب ڊاڪٽر ماها کي لوندڙي کان مٿي ساڄي پاسي گولي لڳي ۽ کاٻي پاسي کان نڪتي، وڪيل پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر رپورٽ غلط ڏني آهي، ڊاڪٽر ماها جي قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جي اجازت ڏني وڃي، درخواست ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر ماها شاهه کي زهر ۽ تمام گهڻي منشيات ڏني وئي هئي. ياد رهي ته ڊاڪٽر ماها جي والد پير آصف شاهه جنيد، وقاص، عرفان قريشي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

Bookmark the permalink.