تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

مانجھند لڳ زميني تڪرار تان ٽن ڄڻن جي قتل ۾ 4 جوابدارن کي ڦاهي سزا

مانجهند(رپورٽ: گلزار ملاح) مانجهند ويجهو راڄڙي ٻيلي ۾ گذريل 3 سال اڳ زميني تڪرار تان جهيڙي ۾ قتل ٿيل 3 ڄڻن جي قتل واري ڪيس ۾ چئن جوابدار کي عدالت 3 ڀيرا ڦاهي ۽ 5۔5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي رحمت الله مورو 29 نومبر 2016ع ۾ مانجهند ويجهو راڄڙي ٻيلي ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل ٽن ڄڻن پيارو ولد ھزار خان ڦاناڻي کوسو، عرس علي ولد عدلو کوسو، سائين بخش ولد حضور بخش کوسو جي خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن علم الدين ولد قربان علي ڦاناڻي کوسو، رسول بخش ولد انب خان کوسو، علي غلام عرف ڪاڪ علي ولد قربان علي کوسو، صاحب علي ولد ڪيوڙو خان کوسو کي 3 ڀيرا ڦاسي 5.5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن طالب کوسو ، علي محمد کوسو ، علي ٻانهون، طالب، متارو کوسو ، موٽيو ، معشوق عرف قئنچي کوسو روپوش ھئڻ سبب گرفتاري کان پوءِ ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته علم الدين کوسو کي زخمي ڪرڻ جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ساڳي عدالت ڪيس ۾ نامزد ذوالفقار علي ڦاناڻي کوسو، ذاڪر حسين کوسو، جمال کوسو ، غلام عباس ڦاناڻي کوسو ، محمد الرحمان ، شير خان کوسو ، قمبر کوسو، محمد جمع ، نيازو کوسو کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.