تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

مانجهي فقير جي ڳوٺ ۾ سهولتون ڏيو: دوڙ ۾ يڪتاري چپڙي سان احتجاج

دوڙ (ن پ ا) دوڙ ۾ مانجهي فقير کي حق ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ راڳين طرفان صوفي ڪلام ڳائي انوکو احتجاج ڪيو ويو، صوفي راڳي مانجھي فقير جي ڳوٺ ٻروهڻ شهر کي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف صوفي فنڪار غلام نبي مانجھائي، مشهور سگهڙ رحيم بخش جلباڻي، مهر علي وڳڻ ۽ مانجهي فقير جي ٻين پرستارن صوفي ڪلام ڳائي احتجاج ڪيو.
هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مشھور صوفي راڳي مانجھي فقير ڪيترن ئي مهينن کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٻرهوڻ شھر جي بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف مسلسل احتجاج ڪندو رهيو آهي، پر ڪنهن به دانهن ناهي ٻڌي، شهدادپور کان ٻرهوڻ شھر تائين روڊ مڪمل ڀري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ کڏا پئجي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته صوفي راڳي مانجھي فقير جي اباڻي شهر ٻرهوڻ کي روڊ سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.



Bookmark the permalink.