تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مانجهند ۾ مبينا زمين تي قبضي خلاف ميمڻ برادري جو ڪاروبار بند ڪري مظاهرو، ڌرڻو

مانجهند (ن پ ا) مانجهند ۾ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف ميمڻ برادري پاران ڪاروبار بند ڪري احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن زنوار مشتاق ميمڻ، ارباب اشفاق احمد ميمڻ، زنوار بابو ميمڻ ۽ ٻين چيو ته خدا ڏنو ڏيٿو زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري مالڪن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ڄاڻايل بااثر ماڻهو زمين تي قبضي جي ڪوشش سان گڏ اسان کان ڀتو گهري رهيو آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.