تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار حادثا: ٽن ٻارن سوڌو 7 ڄڻا فوت: ڪيترائي زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ نينگر ۽ نينگري سوڌو 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. مانجهند ڀرسان اڪرو ٽول پلازه وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ نينگري کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ٽن سالن جي بشيران ڌيءُ سبز علي کوسو چيڀاٽجي فوت ٿي وئي. حادثي کانپوءِ ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو.
ٻئي پاسي تنگواڻي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ريتيءَ سان ڀريل ٽرڪ ۽ ڊاٽسن وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊيرا مراد جمالي واسي ڊاٽسن ڊرائيور غلام سخي بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد ڊاٽسن ڊرائيور جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
تنگواڻي جي ئي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان غلام مصطفيٰ ولد الهڏنو اوڳاهي فوت ٿي ويو. نوجوان شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت بعد واپس وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.
پکو ڀرسان ٽرئڪٽر ڊرائيور سنگين لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي نينگر کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. 5 سالن جو عدالسلام ولد عبدالستار ميڪڻ ٽرئڪٽر هيٺان اچي فوت ٿي ويو. حادثي کانپوءِ ٽرئڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو.
هڱورجا ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ رڪراڻي سهتا واسي نوجوان حزب الله عرف مور سهتو زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي ئي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
مٺي ڀرسان ڳوٺ نيڻيسر ۾ تيز رفتار جيپ پيرسن عورت ماهو زال ڀيمون ميگهواڙ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، عورت روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته جيپ جو ٽڪر لڳو. پوليس پهچي جيپ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪڍڻ ڀرسان چئن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چئن عورتن سوڌو 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ نينگر فوت ٿي ويو آهي.

Bookmark the permalink.