تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

مالي خسارو 9 سيڪڙو کان وڌڻ جو خدشو: ايندڙ بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس نه لڳائينداسين: حفيظ شيخ

ڪراچي (م ڊ) حڪومت بجيٽ خسارو 9 سيڪڙو کان به وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته معيشت وڌائڻ لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، تيل اگهه بابت ڪير نه ٿو ٻڌائي سگهي ته ڪيستائين برقرار رهندا. ڊاڪٽر حفيظ شيخ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي ورثي ۾ وڏو قرض مليو، 20 ارب جو مالي خسارو مليو، جنهن کي گهٽائي 3 ارب تي آندو ويو. اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن کي 12 ارب ڊالرز تائين آندو. هن چيو ته ممڪن آهي بجيٽ خسارو 9 سيڪڙو کان وڌي وڃي، خساري کي 9 سيڪڙو کان گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٽيڪس وصولي کي وڌايو ويندو. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪافي شين تي ڊيوٽيز گهٽائينداسين، نوان ٽيڪس به نه لڳايا ويندا، اسان جي بنيادي ترجيح ماڻهن کي رليف ڏيڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪورونا صورتحال ۾ ڏنل سبسڊيز کي برقرار رکيو وڃي پر اهو ڪير نه ٿو ٻڌائي سگهي ته تيل اگهه ڪيستائين برقرار رهندا پر اسان تيل اگهن کي هڪ ليول تي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڊاڪٽر حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي 72 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن برآمد نه وڌائي وئي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، ان ۾ 6 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته معيشت کي وڌائڻ لاءِ لاءِ روزگار پيدا ڪندڙ صنعتن کي پيڪيجز ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ رهي آهي ته اسان ڪڏهن به ايڪسپورٽ نه وڌائي سگهيا آهيون، امپورٽ به ايڪسپورٽ کان ٻيڻي هئي، جنهن کي گهٽايو ويو.

Bookmark the permalink.