تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ماضي ۾ بجلي بابت غلط پاليسين سبب بجلي مهانگي ملي پئي ۽ ملڪ گردشي قرضن ۾ وڪوڙجي ويو: بنا منصوبن جي پاور پلانٽ لڳايا ويا:شبلي

بجلي مهانگي ڪرڻ ڪنهن سياسي حڪومت لاءِ آسان نه آهي:اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا آهن:شبلي

عوام کي سستي بجلي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وفاقي وزير شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) شهزاد قاسم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته توانائي شعبي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪوشش نه ڪئي وئي، ان جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته وڌيڪ ڏکيائيون ٿينديون، هنن حڪومت سنڀاليندي توانائي شعبي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ ڪيل مهانگن ٺاهن سبب بجلي مهانگي ملي پئي ۽ ملڪ گردشي قرضن ۾ وڪوڙجي ويو، ڇو ته بنا منصوبن جي پاور پلانٽ لڳايا ويا. شبلي فراز چيو ته مهانگي بجلي خريد ڪرڻ سان واهپيدار ۽ ورڇ ڪندڙ ٻئي متاثر ٿيندا آهن، ٺاهه هڪ طرف کان ختم نٿا ڪري سگهجن، جنهن لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون، آءِ پي پيز بابت ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سبب بجلي مهانگي پوندي آهي، آءِ پي پيز سان ٿيل ٺاهه جا تفصيل عوام آڏو آندا ويندا، ڪنهن ٺاهه کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته بجلي مهانگي ڪرڻ ڪنهن سياسي حڪومت لاءِ آسان نه آهي، پر اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عوام کي سستي بجلي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

Bookmark the permalink.