تازا ترين
  • مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نـ آيو،وڌيڪ 3 ٻار فوت*
  • سنڌ جا وزير خانگي اسپتالن ۾ ڇو داخل آهن: نصرت سحر جو اسيمبلي ۾ خطاب*مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ۾ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي:نصرت سحر*سنڌ حڪومت جا 8 ارب خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيا: نصرت سحر*
  • *گهوٽڪي ۾ هٽايل ميونسپل چيئرمين پاران بحالي لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل *عدالت پاران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس *سنڌ حڪومت کي اختيار ئي ناهي جو چيئرمين کي هٽائي سگهي: درخواست *
  • *ملڪ جي صدر کي به راءِ ٺاهڻ لاءِ قانوني مدد هجڻ گهرجي، اهو ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڪيس تي ڪارروائي جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ*
  • *ٽرانسپورٽ واري وزير پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس *سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائين: اويس شاهه *جن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽرز ايس او پيز تي عمل نه ڪندا ته ڪارروائي ٿيندي: اويس شاهه *
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*

مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز سڄو هفتو کولڻ جو حڪم: صوبا رنڊڪ نه وجهن، ضابطن جي ڀڃڪڙي تي دڪان سيل نه ڪيا وڃن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڇنڇر ۽ آچر واري ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي سڄي ملڪ ۾ سمورا شاپنگ مرڪز کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ڪاروبار بند ڪرڻ جو ڪهڙو منطق آهي؟ ڇا ڪورونا حڪومت سان واعدو ڪيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ نه ايندو، شاپنگ مرڪز کولڻ ۾ صوبا رنڊ نه وجهن، ايئن نه ٿئي جو ڪورونا کان بچي ويل ماڻهو بک ۾ مري وڃن. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪورونا وائرس تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي شروعات ۾ چيف جسٽس اين سي او سي ذريعي ڪاروبار کولڻ واري حڪومتي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت ۾ موجود ڊپٽي اٽارني جنرل سهيل محمود کان پڇاڻو ڪيو ته اين سي او سي جا فيصلا ڪهڙا هئا؟ ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته اين سي او سي سڀ کان پهريان تعميراتي شعبي سان لاڳاپيل ڪاروبار کي کولڻ جو فيصلو ڪيو، ٻيو فيصلو اين سي او سي ننڍا ڪاروبار ۽ ڪميونٽي مارڪيٽون کولڻ جو ڪيو، جڏهن ته اڃا تائين وڏا شاپنگ مال کولڻ جو فيصلو ناهي ٿيو. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ زينب مارڪيٽ، صدر، راجا بازار. بوهري بازار ۽ ٻيون ڪميونٽي مارڪيٽ غريب ماڻهن لاءِ ڪيتريون ضروري آهن، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته اهي مارڪيٽ ڪميونٽي مارڪيٽ جي زمري ۾ نٿا اچن، جنهن تي چيف جسٽس وڌيڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪي بازارون ۽ مارڪيٽون کوليون ويون آهن ڇا اهي ڪميونٽي مارڪيٽ جي زمري ۾ اچن ٿيون؟ ڪراچي ۾ 5 وڏن شاپنگ مال کان علاوه سڀ مارڪيٽون کليل آهن. وڊيو لنڪ تي موجود ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪجهه مارڪيٽن کي ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ تي سيل ڪيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته پوليس ذريعي دڪاندارن کي ڊيڄارڻ بدران سيل ڪيل دڪان کولڻ جي هدايت جاري ڪيو، ڪراچي جا سمورا مارڪيٽ کوليو. چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪاروبار کولڻ جو فيصلو ڪيئن ڪيو آهي؟ ڇا ڪورونا حڪومت سان واعدو ڪيو آهي ته هو ڇنڇر ۽ آچر واري ڏينهن کليل ماحول ۾ نه ايندو؟ ڇا ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن سج اولهه کان اوڀر طرف نڪرندو؟ ڇا حڪومتون پنج ڏينهن ڪم ڪري ٿڪجي پونديون آهن؟ اسان حڪم ڏينداسين ته ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به ڪاروبار کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، حڪومت کي خبر آهي ته عيد جي ڏينهن ۾ مارڪيٽن ۾ عام ماڻهن جي رش وڌي ويندي آهي، هن ملڪ جا ڪيترائي اهڙا گهراڻا آهن، جيڪي صرف عيد تي ئي نوان ڪپڙا وٺي پهريندا آهن. چيف جسٽس وڊيو لنڪ تي موجود ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان سوال ڪندي چيو ته قانون مطابق ڇا ننڍيون مارڪيٽون کولي وڏا شاپنگ مالز بند ڪري سگهجن ٿا؟ ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته صوبائي حڪومت شاپنگ مالز کولڻ تي غور ڪري رهي آهي، ڪمشنر ڪراچي عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته عيد واري ڏينهن ۾ مارڪيٽن ۾ عام ماڻهن جي رش وڌي ويندي آهي، انهن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت کي وڏا شاپنگ مالز کولڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اين سي او سي ۾ وڏا شاپنگ مال بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان جو مطلب آهي ته شاپنگ مالز اهي هوندا آهن، جتي ايئرڪنڊيشن هوندا آهن، ڇا اسان کي خبر ناهي ته وڏن شاپنگ مالز ۾30 سيڪڙو ماڻهو ونڊو شاپنگ ڪرڻ ايندا آهن؟ حڪومت کي گهرجي ته ننڍيون ۽ وڏيون دڪانون کولڻ جي هدايت ڏئي، ائين نه ٿئي جو ملڪ ۾ ڪورونا کان بچي ويندڙ ماڻهو بک سبب مري وڃن، ڪراچي جي زينب مارڪيٽ غريبن جي مارڪيٽ آهي، ان کي هر صورت ۾ کوليو وڃي، پوليس ۽ انتظاميه واپارين کان رشوت نه وٺن، انهن کي نه مارين. چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ اڪثر آبادي ڏهاڙيدار آهي، هن وقت ڪراچي بندرگاهه تي اربين رپين جو سامان موجود آهي، اهڙي صورتحال ۾ لڳي ٿو ته اهو سامان واپس سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻو پوندو، ڇا ڪنهن کي علم آهي ته گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيتري بيروزگاري ٿي آهي، ڇا بند ٿي ويندڙ صنعتون ٻيهر کلي سگهنديون؟ ڇا ڪروڙين ماڻهن کي روڪڻ لاءِ گوليون استعمال ڪيون وينديون. عدالت سڄي ملڪ جي سمورن شاپنگ مالز کي سڄو هفتو کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت ۾ موجود ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالتي پڇاڻي تي شهر ۾ وڏا شاپنگ مالز کولڻ جي خاطري ڪرائي. عدالت ٻڌڻي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪندي تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ڪاروبار بند ڪرڻ غير قانوني آهي، جاري ڪيل حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارڪيٽ ۽ ڪاروباري سرگرميون بند نٿيون ڪري سگهجن، سنڌ ۾ شاپنگ مالز کولڻ لاءِ صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري، ڪي پي ڪي بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ مارڪيٽون کليل آهن، ڪاروباري طبقو انتظاميه کان اجازت وٺڻ کانپوءِ شاپنگ مالز کولن، اجازت ملڻ بعد صوبا ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ڪن، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نوعيت ايتري سنگين نه آهي جيتري رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ڪورونا وائرس کان وڌيڪ ملڪ ۾ سالياڻو ٻين مرضن ۾ مبتلا ماڻهو مري وڃن ٿا، تحريري حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اين ڊي ايم اي اربين رپيا سامان خريد ڪرڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي، انهن پاران جيڪا رپورٽ ڏني وئي آهي اها غير تسلي بخش آهي، ان حوالي سان اٽارني جنرل ۽ اين ڊي ايم اي کي اختيارن جو موقف اڄ ٻڌو ويندو.

Bookmark the permalink.