تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ماتلي جي احسان شاهه ڪالوني ۾ گٽر اٿلي پيا، شهرين جوا حتجاج

ماتلي (ن پ ا) ماتلي شھر جي احسان شاھ ڪالوني ۾ گٽر نالو صفائي نه ٿيڻ سبب ابتو وھڻ لڳو آهي. جنهن خلاف رھواسين چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. لطيف سولنگي، سليم شاھ، آڪاش خاصخيلي، دوست محمد درس پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته صفائي وارو عملو احسان شاھ ڪالوني ۾ گٽر نالي جي صفائي نه ٿو ڪري جنھن ڪري گھٽين ۽ گھرن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيھي ويو آھي. گٽر نالو ابتو وھي رھيو آھي. چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پنھنجا نوازي رھيو آھي وارڊ پنج مان اليڪشن دوران ووٽ وٺڻ کانپوء چونڊيل ڪائونسلر چار گذري چڪا آھن لڀي ڪو نه ٿو، گٽر نالا ٽٽي ويا آھن، انھن جي مرمت نه ٿي سگھي آهي. ڪالوني ۾ گندگي وڌي وئي آھي ۽ گٽرن جو پاڻي گھٽين ۾ بيھڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي ٻارڙا مليريا ۽ ٽائفائيڊ جھڙين موضي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. اسان جي شڪايتن باوجود چيئرمين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آھي مطالبو آهي ته نوٽيس وٺي رھواسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.