تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

مائنس ون لاءِ پي ٽي آءِ جا ميمبر رابطا ڪري رهيا آهن: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا مخالف ڌر سان رابطا هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مائينس ون جي ايجندا مخالف ڌر جي نه پر پي ٽي آءِ جي اندران نڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جا ميمبر اپوزيشن سان رابطا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان جي دوستن جي اڳيان سينيئر وزير به بيوس آهن، پارٽي ۽ حڪومت ۾ بدترين شهنشاهيت جون پي ٽي آءِ جا ميمبر شڪايتون ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ ملڪ کي ته تبديل نه ڪري سگهي آهي پر پي ٽي آءِ اندر تبديلي اچي چڪي آهي.



Bookmark the permalink.