تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

مائلي سائرس کان طلاق وٺڻ جي درخواست ڏيڻ تي ليام هيمس ورٿ ڏچي ۾ پئجي ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) مبينا طور تي پنهنجي هم جنس پرست زال کان طلاق لاءِ آمريڪي عدالت سان رابطو ڪندڙ هالي ووڊ ادڪار ليام هيمس ورٿ کي عدالت طلاق لاءِ اڻپورا ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪندي مٿس ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ڳائڻي مائلي سائرس ۽ اداڪار ليام هيمس ورٿ هلندڙ سال آگسٽ ۾ عليحدگي اختيار ڪري ورتي هئي رپورٽن موجب ٻنهي مائلي سائرس جي تڪراري جنسي رجحانن سبب عليحدگي اختيار ڪئي جڏهن ته ٻنهي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هو گڏيل رضامندي سان ڌار ٿي رهيا آهن. هاڻي اها خبر سامهون آئي آهي ته لاس اينجلس جي عدالت ليام هيمس ورٿ کي طلاق جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي کيس اڻپوري درخواست ڏيڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. شوبز ويب سائيٽ اي آن لائن موجب لاس اينجلس جي عدالت ليام هيمس ورٿ کي هڪ نوٽيس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ عدالت اداڪار تي واضح ڪيو آهي ته هن اڻپوري درخواست داخل ڪئي آهي. رپورٽ موجب عدالتي نوٽيس ۾ ليام هيمس ورٿ کي تجويز ڏني وئي آهي ته هو سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي گهربل دستاويز جمع ڪرائڻ سميت قانوني طريقيڪار جي پيروي ڪري. عدالت ليام هيمس ورٿ کي 21 جنوري 2020ع تائين گهربل دستاويزن سميت مڪمل درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت واضح ڪيو ته عمل نه ٿيڻ تي درخواست خارج ڪري سگهجي ٿي.



Bookmark the permalink.