تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

لکي ويجهو 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل شاگردن جي وارثن کان 40 لک ڀنگ جو مطالبو

لکي غلام شاھ (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي هرکجي 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل 2 نوجوان جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.ڳوٺ گابر جوڻيجو واسي يارنهن ڪلاس جو شاگرد محمد شريف جوڻيجو، شهدادڪوٽ واسي محمد اسلم جوڻيجو بازياب نٿي سگهيا، ڌاڙيلن طرفان ٻنهي مغوين جي وارثن سان فون تي رابطو ڪري 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن جي بازيابي لاءِ ٻن ڏينهن ۾ رقم جو بندوبست ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ٻنهي ڄڻ جا کين لاش ملندا. مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته غريب مسڪين آهيون بٺن تي مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا آھيون ايڏي وڏي رقم ڪٿان آڻينداسين سنڌ سرڪار کي مدد جي اپيل ڪيون ٿا.

Bookmark the permalink.