تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

لکي غلام شاهه ۾ زميني تڪرار تان قتل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

لکي غلام شاھ(ن پ ا) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ ٻڌ چمن مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي دوران قتل ٿيل نوجوان نور احمد مهر جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، چڪ پوليس خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مقتول جي وارثن حامد علي مهر، طارق، عبدالله، غلام اڪبر، غلام سرور، محمد اسماعيل، پير بخش مهر ۽ ٻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 18 ڏينهن گذري ويا آهن، چڪ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ليمو لاشاري جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيو ويٺو آهي، جنهن ڪري قاتل گرفتار نٿا ڪيا وڃن. قتل جا مک جوابدار منور مهر، گلشير مهر، قدير مهر ۽ سڌير مهر کي ٻن ڏينهن اندر گرفتار ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ قومي شاهراھ تي چئني صوبن جو رستو بلاڪ ڪري ڇڏيندا سين.

Bookmark the permalink.