تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

لڄالٽ واقعو: هڪ جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، وقار الحسن جي سالي به گرفتاري ڏئي ڇڏي

لاهور (بيورو رپورٽ) موٽروي تي عورت سان لڄالٽ ڪيس، هڪ جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، مرڪزي جوابدار عابد اڃا آزاد، وقار الحسن جي سالي به گرفتاري ڏئي ڇڏي. پنجاب پوليس جي کاتي سي ٽي ڊي موٽروي زيادتي ڪيس ۾ گرفتاري پيش ڪندڙ مبينا جوابدار وقار الحسن جي نشاندهي تي ڪالهه ديپالپور ۾ ڪارروائي ڪري شفقت نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن پوليس ذريعن موجب جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدار شفقت اعتراف ڪندي چيو ته آئون ۽ عابد ڦر جي ارادي سان بيٺا هئاسين، هڪ ڪار ڏٺي ته ان جو پيڇو ڪيو، شفقت ٻڌايو ته آئون ۽ عابد ڦر جي ارادي سان ڪار وٽ وياسين جتي پهرين عورت کان ڦرلٽ ڪئي ۽ پوءِ عورت سان زيادتي ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر عورت مزاحمت ڪئي، جنهن بعد عابد گاڏي جا شيشا ٽوڙي عورت جي ٻارن کي کڻي هيٺ کاهي طرف لهي وياسين، جنهن ۾ عابد جو هٿ به زخمي ٿي پيو، ٻار کڻڻ بعد عورت پاڻ گاڏي مان لهي ٻارن پويان کاهي ۾ لهي آئي ته اسان ٻنهي کيس لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ذريعن موجب جوابدار شفقت اهو به ٻڌايو ته واردات وقت اسان کي شراب پيتل هو، شراب واردات کان اڳ اتي ويجهي عمارت جي ڇت تي پيتو. واقعي کانپوءِ قلعه ستار شاهه مين رات رهياسين، ٻئي ڏينهن آئون ديپالپور هليو ويس، جڏهن ته عابد علي پنهنجي والد جي گهر مانگا منڊي هليو ويو. هن چيو ته موٽروي واقعي واري ڏينهن ڪارروائي لاءِ مجموعي طور تي ٽي ڄڻا نڪتا هئاسين، جنهن ۾ آئون شفقت، عابد علي ۽ هڪ بالا مستري نالي شخص شامل هو، اسان واردات لاءِ اڳتي وياسين پر بالا مستري گڏ نه هليو، هن چيو ته عابد سان آخري رابطو ٽي ڏينهن اڳ ٿيو هو، ساڳي جاءِ لاهور، سيالڪوٽ موٽروي تي ان کان اڳ به ڦر جون وارداتون ڪري چڪا آهيون. ذريعن موجب جوابدار شفقت جو پهرين به ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، ڦر جي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته جوابدار شفقت جو ڊي اين اي بينڪ ۾ اڳ ڊي اين اي موجود نه هو، تنهن ڪري پوليس فوري طور سندس ڊي اين اي ڪرايو، جيڪو عورت سان ميچ ٿي ويو آهي. ذريعن موجب شفقت اڳ به زيادتي جي ڪيسن ۾ ملوث رهيو آهي. ان کان اڳ گرفتار پيش ڪندڙ وقار الحسن جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو ته ڪيس جو مرڪزي جوابدار وقار الحسن هڪ عرصي کان شفقت نالي شخص سان گڏ وارداتون ڪري رهيو هو، شفقت بهاول نگر جو رهواسي ۽ عابد جو دوست آهي. ٻئي طرف اڳواٽ سي آءِ اي وٽ پيش پيل وقار الحسن جي سالي عباس به گرفتاري پيش ڪئي آهي، ذريعن موجب عباس شيخوپوره ۾ پوليس وٽ گرفتاري ڏني، عباس ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجون پنهنجون 4 نياڻيون آهن، آئون اهڙي حرڪت ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان، آئون بي ڏوهي آهيان، ان ڪري پاڻ کي پيش ڪيو آهي، اميد آهي ته مون سان انصاف ڪيو ويندو، وقار الحسن جاچ دوران ٻڌايو هو ته منهنجي نالي تي نڪتل سم سالو عباس استعمال ڪندو آهي. هوڏانهن موٽروي زيادتي ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد علي هٿ نه اچي سگهيو، پوليس جوابدار نالي پيغام ۾ چيو ته ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪريو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جوابدار عابد کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، پوليس ذريعن موجب عورتن سان زيادتي جي جوابدار شفقت جي گرفتاري بعد پوليس مرڪزي جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ سندس ٺڪاڻي تي پهچي وئي آهي، جتي پوليس گهيرو تنگ ڪري وڏي نفري مقرر ڪئي آهي، ۽ انهي علائقي ۾ اعلان ڪيا پيا وڃن ته جوابدار عابد کي پيغام آهي ته ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪري.

Bookmark the permalink.