تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

لينڊ اسڪينڊل: روشن شيخ پاران ضمانت لاءِ درخواست داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ مڪاني ادارن واري اڳوڻي سيڪريٽري روشن شيخ ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، عدالت روشن شيخ جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 6 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن واري اڳوڻي سيڪريٽري جي ضمانت رد ڪئي هئي، جنهن بعد نيب روشن شيخ کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته روشن شيخ ۽ ٻين خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

Bookmark the permalink.