تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ليمان پٽيندي هٿ ڦٽجي پون ٿا پر ڇا ڪريون، روزي جو وسيلو آهي: پورهيت

محبت ديرو : پورھيتن جو چوڻ آهي ته ليمن جي پٽائي سان ھٿ رت ٿي وڃن ٿاپر اھي باغ ئي گذر سفر جو ذريعو بڻيل آھن. ان ڏس ۾ باغ تي ڪم ڪندڙ مزدور فيضل خاصخيلي، رضا ملاح، شاھين ملاح، ماجد ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو ڪم تمام ڏکيو آھي، ليمن جي پٽ دوران اسان جا ھٿ ڦٽجي رت ٿي پون ٿا، پر ڇا ڪريون گذر سفر جو ذريعو ھئڻ ڪري ليمان پٽيندا آھيون. روزانو 250 کان300 رپيا مزوري ملي ٿي. ليمن جي سيزن ختم ٿيڻ کان پوء ليمن جي چلھن جي گڏ به ڪئي ويندي آھي ان کان علاوہ ليمن جي جھر جي ڪٽائي به ٿيندي آھي جنھن کي  ڇانگ به چئبو آھي.

Bookmark the permalink.