تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

لياري ۾ شهيد راڻي جي نالي سان ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪرپشن، اقربا پروري ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو انڪشاف: عدالتي جاچ مڪمل

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي عدالتي جاچ رپورٽ پيش، پرنسپال انجم رحمان ڪرپشن ۾ مُک ذميوار قرار ڏنو ويو

پرنسپال ٽن ڀينرن کي 14 کان 19هين گريڊ ۾ نوڪريون وٺرائي ڏنيون، سرڪاري مشينري نجي اسپتال ۾ استعمال ٿيندي رهي: رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم ٿيل ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال طرفان وڏي پئماني تي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ميگا ڪرپشن جي حوالي سان عدالتي جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. عدالتي جاچ ۾ ڪاليج جي پرنسپال انجم رحمان کي ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جو ذميواري قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پرنسپال پنهنجي ٽن ڀينرن کي 19هين گريڊ ۽ ٻن ڀائرن کي 14 ۽ 15 گريڊ ۾ ڀرتي ڪرايو.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پرنسپال ڪاليج جا اڏاوتي ٺيڪا پنهنجي والد جي فرم کي الاٽ ڪرايا، سندس هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر سحر فاطمه پرڏيهه ۾ نوڪري ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب پرنسپال انجم رحمان لياري ميڊيڪل ڪاليج جي پگهار سان گڏ ٻيون رعايتون به وٺندي رهي آهي، سندس هڪ ڀيڻ ڪاليج ۾ ملازمت هجڻ باوجود گلشن اقبال ۾ نجي اسپتال هلائي رهي آهي.
شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ميگا ڪرپشن جي عدالتي جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته پرنسپال جي ڀيڻ پنهنجي نجي اسپتال ۾ ڪاليج جي سرڪاري مشينري استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته اُنهي پرنسپال سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر حاصل ورتو آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 ڊسمبر تي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.



Bookmark the permalink.