تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

لوڊشيڊنگ سبب ڪافي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن: ضياءُ الرحمان

نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد انڊسٽريل زون فيصل ملز ۾ ايگزيڪيٽو ڪلب آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز پاران تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ حيسڪو چيف ايگزيڪيٽو محمد يعقوب شيخ ۽ ڊي آءِ موٽر وي پوليس سنڌ ملڪ مطلوب اعواڻ خاص طور مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس جي صدر ڪنور ضياءُ الرحمان خطاب ڪندي چيو ته نوري آباد ايشيا جو وڏو صنعتي زون آھي، صنعت و تجارت جو بھتر ڪم ھلي پيو پر لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪافي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هن چيو ته نوري آباد انڊسٽريل زون جي مشينري جو لوڊ بجلي جي مڪمل سھولت نه ھجڻ سبب 50 سيڪڙو گئس تي ڪيو ويو آھي، ايندڙ وقت ۾ گئس تمام گھٽ ملندو انھي لاءِ اسان کي بجلي سپلاءِ بھتر کان بھتر ڪرڻي پوندي. محمد يعقوب شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بجلي فراھمي باقاعدگي سان بھتر ڪئي ويندي، ڪجھ مسئلا پراڻا آھن جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪيون وينديون.

Bookmark the permalink.