تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

لنڊن: ڳورهاري عورت ۾ 2 رحم هجڻ جو انڪشاف، ٻنهي ۾ جاڙا ٻار!

لنڊن (دلچسپ نيوز) عام طور تي عورتون جاڙن ٻارن کي جنم ڏينديون آهن جڏهن ته ائين گهٽ ٻڌو ۽ ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن عورت جا 2 رحم هجن. پر برطانيا جي 28 ورهين جي هڪ عورت ۾ نه رڳو 2 رحم هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پر انهن جي هر هڪ ٻچي داني ۾ جاڙا ٻار به پلجي رهيا آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب برطانوي رياست انگلينڊ جي ڪائونٽي اسيڪس جي شادي شده عورت 28 ورهين جي ڪيلي فيئربرسٽ ۾ 2 رحم هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب ڪيلي فيئربرسٽ جڏهن اسڪين ڪرائڻ لاءِ اسپتال پهتي ته ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته هن ۾ 2 رحم آهن ۽ هر هڪ ٻچي داڻي ۾ جاڙا ٻار پلجي رهيا آهن. ڪيلي فيئربرسٽ 12 هفتن جي حامله آهي ۽ کيس ڊاڪٽرن پنج ڪروڙ مان هڪ ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن موجب اهڙو معجزو هر 5 ڪروڙ عورتن مان هڪ سان ٿي سگهي ٿو. ڪيلي فيئربرسٽ پاڻ ۾ 2 رحم هجڻ جي حوالي سان ٻڌايو ته ماضي ۾ به کيس ڊاڪٽرن چيو هو ته هن ۾ هڪ اڻ پوري ٻچي داڻي به موجود آهي. هاڻي هو ٻيهر حامله ٿي ته چيڪ اپ ٿيڻ تي پتو پيو ته هن ۾ 2 رحم آهن ۽ ٻنهي ۾ جاڙا ٻار آهن.

Bookmark the permalink.