تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

لعلورائنڪ جي صحافي تي هيلٿ ورڪر کي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل

لعلو رائنڪ ( ن پ ا ) لعلورائنڪ جي پتوجا پاڙي جي رهواسڻ پي پي ايچ آءِ سينٽر ۾ ايل ايڇ وي طور ڪم ڪندڙ بختاور ڌيءَ خادم حسين پتوجو کي صحافي راڻو مغيري پاران گهڻي عرصي کان جنسي هراسان ڪرڻ توڙي سينٽر تان ڊيوٽي ڪري پنهنجي ڀاءُ وقار علي سان گهر واپسي دوران سخاوت راجپوت رائيس مل وٽ وڙهڻ واري معاملي بابت وڪيل فراز علي هڪڙو جي معرفت ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جج 2 قمبر ۾ هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي هئي. مسلسل ٽن حاضرين بعد ڪالهه ايڊيشنل سيشن جج 2 داخل ڪيل پٽيشن تي فيصلو ڏيندي صحافي راڻو مغيري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙو ڪورٽ طرفان جاري ڪيل ليٽر لعلورائنڪ ٿاڻي تي فريادڻ بختاور پتوجو جمع ڪرايو سندس فرياد تي لعلورائنڪ ٿاڻي تي جوابدار راڻو مغيري تي گناھ نمبر 86.2020 قلم2/ 506. 509. 354.341.114.148.149 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.