تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

لطيف ورسٽي جي وي سي جي هڪ اميدوار خلاف ڪرپشن ڪيس ظاهر

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس جي مقرري وارو معاملو وري رولڙي جي ور چڙھي ويو آهي، وڏي وزير ڏانھن اماڻيل 3 اميدوارن مان ھڪ اميدوار مٿان اينٽي ڪرپشن پاران ڪرپشن ڪيس ظاهر ٿي پيو آهي. ان ڏس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه ايندڙ مهيني 2 آڪٽومبر تي رٽائرڊ ٿي رهي آهي، ذريعن موجب جنهن کانپوءِ نئين وائيس چانسلر شپ لاءِ اميدوارن ڪاميٽي پاران انٽرويو بعد ٽن اميدوارن ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي ۽ ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو جا نالا شارٽ لسٽ ڪري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڏانھن اماڻيا ويا آھن، جن مان ڪنھن ھڪ کي شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو آھي. بااعتماد ذريعن جو چوڻ آھي تھ شارٽ لسٽ ڪيل ڪنوينر ٽينڊر ڪاميٽي ڊاڪٽر سرفراز سولنگيءَ مٿان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مبينا ڪرپشن جو اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيل آھي جنھن ۾ ھو ضمانت تي آھي. تنھن ڪري وڏو وزير توڙي لاڳاپيل اختياريون سندس وائيس چانسلر طور مقرري بابت ٻڏتر جو شڪار آھن. ذريعن جو چوڻ آھي تھ سرفراز سولنگيءَ مٿان ڪرپشن جو الزام آھي، تنھن ڪري وائيس چانسلر شپ جو مضبوط اميدوار ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي کي سمجھيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.