تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*

لاڪ ڊائون سبب 2 لک پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو جام: اڍائي لک عملو بيرزگار: 2 اربن جي پيڪيج جي گهر

سنڌ اندر توڙي ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ 6000 ڪوچون بند: ڪراچي کان حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ويندڙ 2800 وينون غائب

ڪراچي شهر جي مختلف روٽن تي هلندڙ 7000 مني بسون، مني ڪوچون ۽ وڏيون لوڪل گاڏيون به بند پيل

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ سرڪار پاران اعلانيل لاڪ ڊائون سبب 2 لک پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو جام ٿيڻ سبب اڍائي لک ٽرانسپورٽر ۽ سندن عملو بيرزگار ٿي ويو آهي، ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل تفصيلن موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيل لاڪ ڊائون کانپوءِ صوبي اندر توڙي ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ 6 هزار مسافر ڪوچون بند ٿي ويون آهن. اهڙي طرح ڪراچي کان روزانو حيدرآباد، سکر، خيرپور، نوابشاھ، عمرڪوٽ، مٺي ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ 2800 وينون پڻ روڊن تان غائب ٿي ويون آهن. جڏهن ته ڪراچي شهر جي مختلف روٽن تي هلندڙ 7 هزار مني بسون، مني ڪوچون ۽ وڏيون لوڪل گاڏيون به بند پيل آهن. اهڙي طرح ٽرانسپورٽ کاتي وٽ رجسٽرڊ ٿيل ڏيڍ لک رڪشا به مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن. جنهن ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل اڍائي لک جي لڳ ڀڳ ڊرائيور، ڪلينر، ڪنڊيڪٽر،اسٽارٽر ، صفائي عملو ۽ ڪوچن توڙي گڊز ٽرانسپورٽ جو ٽيڪنيڪل اسٽاف، مستري ۽ رڪشا ڊرائيور بيروزگار ٿي ويا آهن. ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽ عملو بيروزگاري سبب سخت پريشان ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي اڳواڻ ارشاد بخاري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ 7 هزار مني بسن ۽ مني ڪوچن جي بند ٿيڻ ڪري روزانو ڪروڙن جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سرڪار ٽرانسپورٽرن توڙي سندن عملي لاءِ ڪنهن پيڪيج جو اعلان ناهي ڪيو ، هنن چيو ته اسانجي گهرن جي چلهه ٻارڻ لاءِ 2 ارب جو پيڪيج ڏنو وڃي

Bookmark the permalink.