تازا ترين
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

لاڪ ڊائون سبب سونارن ۽ مني چينجرن جو ڪاروبار ٺپ: 5000 پورهيت بيروزگار

ڪراچي،سکر،لاڙڪاڻي سميت وڏن شهرن ۾صرافه بازارن۽مني چينجرن جي دڪانن کي تالالڳي ويا

شادي سميت سمورن ڪاڄن توڙي ڪاروبارن تي پابندين سبب اسان گهرن تائين محدودٿي وياآهيون: سونارا

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سبب سونارن ۽ مني چينجرن جو ڪاروبار ٺپ، مٿي تي هٿ اچي ويا، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب سرڪار پاران کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ ميڊيڪل اسٽورن کانسواءِ سمورا ڪاروبار بند ڪرائڻ سبب ڪراچي، حيدرآباد ، سکر ، لاڙڪاڻي سميت وڏن شهرن ۾صرافه بازارن ۽ مني چينجرن جي دڪانن کي تالا لڳي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سونارڪي ڪم سان لاڳاپيل5000 پورهيت ۽ ڪاريگر بيروزگار ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شادي سميت سمورن ڪاڄن توڙي ڪاروبارن تي پابندين سبب اسان هاڻ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون، هنن چيو ته اسان کي دڪانن جي مسواڙ، بجلي جي بلن توڙي ملازمن جي پگهارن جو فڪر آهي، ڪاربار بند هجڻ جي صورت ۾ اسان ادائگيون ڪيئن ڪنداسين؟

Bookmark the permalink.