تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

لاڪ ڊائون سبب زرعي معيشت ٺپ: 14 لک ٽن ڪڻڪ خريداري نه ٿي: آڳاٽو خريف به پوکجي نه سگهيو

سنڌحڪومت پاران ڪڻڪ خريداري لاءِامدادي اگھه مقررڪرڻ۽ڪڻڪ خريداري جوهدف مقررڪرڻ باوجودڪوروناسبب خريداري شروع نه ڪئي

تيار ٿيل ڪڻڪ جو فصل کرن ۽ کليل آسمان هيٺ پيل: لاڪ ڊائون سبب اوپن مارڪيٽ ۾ 1500 رپين تي ٿيندڙ ڪڻڪ جو وڪرو بند ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون سبب زرعي معيشت ٺپ، سنڌ حڪومت 14 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ ۾ ناڪام، لاڪ ڊائون سبب ڀاڻ، ٻِج ۽ زرعي دوائن جا جا دڪان بند هجڻ سبب خريف جي آڳاٽي پوکي سخت متاثر، ڪپهه جي پوکي لاءِ تيار ڪيل  40 هزار زمين تي ٻِج نه ملڻ سبب پوکي متاثر ٿيڻ جو خدشو، لاڪ ڊائون سبب ڀاڻ، ٻِج ۽ زرعي دوائن جا جا دڪان بند هجڻ سبب خريف جي آڳاٽي پوکي سخت متاثر، آبادگارن ۽ هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ ۽ لاڪ ڊائون ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي زرعي معيشت مڪمل طور تي ٺپ ٿي وئي آهي . سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ امدادي اگھه مقرر ڪرڻ ۽ ڪڻڪ خريداري جو هدف مقرر ڪرڻ باوجود ڪورونا وائرس سبب ڪڻڪ جي خريداري شروع ئي ناهي ڪئي، هن وقت تائين خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ خريداري سينٽر به کُلي ناهن سگھيا، جنهن ڪري سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ امدادي اگھه مقرر ڪرڻ ۽ ڪڻڪ خريداري جو هدف مقرر ڪرڻ باوجود ڪورونا وائرس سبب ڪڻڪ جي خريداري شروع ئي ناهي ڪئي، آهي، هن وقت تيار ٿيل فصل کرن ۽ کليل آسمان هيٺ پيل آهي، ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاھ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ خوراڪ کاتي پاران اڃا تائين خريداري مرڪز کوليا ناهن ويا، جنهن سبب ڪڻڪ جي آبادگارن کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته آبادگارن پاران کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 1500 رپيا في مڻ تائين وڪرو ڪئي پي وئي پر لاڪ ڊائون بعد سرڪار ڪڻڪ جي واپارين جي دڪانن کي به بند ڪرائي ڇڏيو، جنهن سبب آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي. آبادگار اڳواڻ نواب زبير ٽالپر “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي ڀاڻ، ٻج ، پيسٽي سائيڊ ۽ ڪڻڪ جي واپارين جا دڪان کولڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي، جيئن ڪپھه، مرچن ۽ سارين جي پوکي لاءِ آبادگارن کي ٻِج ملي سگھي. ڀينڊين، ميهن، ڪمند ۽ ٻين فصلن کي بيماريون لڳي رهيون آهن پر فصلن مان بيماري ختم ڪرڻ لاءِ دوائون نه ملڻ ڪري اسپري نه ٿا ڪري سگھون آبادگارن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن سرڪار لاڪ ڊائون دوران زرعي معيشت کي نه سنڀالي سگھي ته اٽي، چانورن، ڀاڄين ۽ ميوات جو بحران پيدا ٿيندو، جيڪو آبادگارن لاءِ ڪورونا وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو، هوڏانهن سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته پنجاب جي فيڪٽرين مان باردانو ناهي مليو، جيئن ئي ملندو ته سينٽرن تي پهچائي خريداري شروع ڪئي ويندي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته خريداري شروع نه ڪرڻ جو مک سبب اهو آهي ته سنڌ سرڪار پاران پنجاب جي جن فيڪٽرين کي باردانو ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ويو هو، انهن ڪورونا لاڪ ڊائون سبب باردانو تيار ناهي ڪيو، جيئن ئي نئون باردانو تيار ٿي سنڌ حڪومت حوالي ٿيندو، ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي ويندي. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائون سبب ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت پاران فلور مِلن کان 60 هزار ميٽرڪ ٽن اٽو ڪراچي جي دڪانن تي پهچايو ويو آهي، جڏهن ته 20 هزار اٽي جا ٿيلها سيلاني حوالي ڪيا ويا آهن. 

Bookmark the permalink.