تازا ترين
  • ملير:ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي*ڳوٺ فقير محمد گڏاپ سٽي ۾ جنازي نماز ادا، سعيد غني، عاجز ڌامراهه سميت ٻيا شريڪ*
  • خانپورمھر ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، انگ وڌي 35 ٿي ويو*ميرپورماٿيلو:گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا، انگ وڌي 299 ٿي ويو*
  • سکر ۾400 ڄڻن کان ورتل سيمپلز مان 40 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق*
  • ميرپورخاص ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ضلعي اندر متاثرن جو انگ وڌي 87 ٿي ويو*
  • پنهنجا هُجن يا مخالف، نئين پاڪستان ۾ ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي:شبلي فراز*شهباز شريف قانون کان ڀڄڻ بدران قانون کي منهن ڏئي:وفاقي وزير شبلي فراز جو ٽوئٽ*ن ليگين کي مشورو آهي ته قانون آڏو رڪاوٽون وجهي ڏوهه نه ڪيو وڃي:شبلي فراز*
  • ڪراچي: صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وگهي فوت*
  • حيدرآباد: سينيٽر مولا بخش چانڊيو سميت 5 گهر ڀاتي ڪورونا ۾مبتلا*مولا بخش چانڊيو، سندس زال ۽ پُٽ سميت 5 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي*ڪورونا وائرس جي تصديق بعد پاڻ ۽ گهر ڀاتين کي آئسوليٽ ڪيو آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • کنڊ اسڪينڊل تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرامو رچايو ويو آهي: مريم اورنگزيب*نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان عوام واقف آهي: ن ليگ ترجمان*نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ته عوام بني گالا مان عمران خان کي گرفتار ڪندو: مريم اورنگزيب*نيب جون ڪارراويون صرف مخالف ڌر خلاف پيون ٿين: راڻا ثناءُ الله*
  • لاهور: نيب ٽيم شهباز شريف جي گهر مان ناڪام واپس رواني ٿي وئي*
  • لاهور: نيب ٽيم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي وئي*لاهور پوليس جي وڏي نفري به شهباز شريف جي گهر ٻاهران موجود*شهباز شريف جي امڪاني گرفتاري جو ٻڌندي ئي نواز ليگ اڳواڻ به پهچي ويا*لاهور: نواز ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي رهائشگاهه آڏو مظاهرو، ڌرڻو*
  • *گمبٽ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، 21 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *گيسٽرو مريضن ۾عورتون، ٻارڙا ۽ نوجوان شامل *
  • *اينٽي ڪرپشن پاران ڊائريڪٽر ايلمينٽري اينڊ سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم خلاف جاچ شروع *اينٽي ڪرپشن حامد ڪريم کي 3 جون تي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو *
  • *حيدرآباد: جعلي ڊوميسائل ٺهڻ خلاف نوجوانن جو پريس ڪلب سامهون احتجاج *ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *بدين مان چونڊيل ايم پي اي تاج محمد ملاح جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڊکڻ :ڳوٺ دڙي جاکري ٻاهران ڪار مان گولي لڳل لاش هٿ *مقتول جي سڃاڻپ اشتياق پٺاڻ ولد نظام الدين پٺاڻ طور ٿي،لاش اسپتال منتقل *

لاڪ ڊائون سبب ثقافتي ماٺار: سگهڙ ڪچهريون نه ٿيڻ ڪري اوطاقون ويران، ميلا ملاکڙا به بند

سگهڙ محفلن دوران ملندڙ انعامن ۽ وظيفن کان به محروم

ڪچهرين ۾سکڻ جو موقعو ملندو هو، دوستن سان حالي حوالي به ٿيندا هئاسين:الاهي بخش شر

اڪري چودڳي(رپورٽ: ساگر امير حيدر شر): لاڪ ڊائون سبب ثقافتي سرگرميون معطل هجڻ سبب سگھڙ ڪچهرين وارو سلسلو ماٺار جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ اوطاقون ويران ٿي ويون آهن. سگهڙ ڪچهرين لاءِ اٻاڻڪا ٿي پيا آهن. سنڌ ۾ لڳاتار لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار سان گڏ ثقافتي سرگرميون پڻ معطل آهن. يارهين شريف، رگاهن تي ٿيندڙ چوڏهينءَ جي محفلن، ولين، پيرن، بزرگن جي مزارن ۽ ميلن ملاکڙن جي موقعي تي ٿيندڙ سگهڙ ڪچهريون بند ٿي ويون آهن جنهن سبب سگهڙ ۽ ڪچهرين جا شوقين اٻاڻڪا ٿي پيا آهن. سگهڙ ڪچهرين ۾ ڳجهارت، پهاڪو، ڏٺ پرولي، مولود ۽ سينگار وغيره جا بيت شوق سان ٻڌا ۽ ٻڌايا ويندا هئا پر ڪچهريون نه ٿيڻ سبب شوقين ثقافتي ٻول ٻڌڻ کان محروم آهن. ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ ملندڙ انعام ۽ وظيفا ملڻ پڻ بند ٿي چڪا آهن. اڪري چودڳي جي مشهور سگهڙن حاجي محمد سليمان شر ۽ الاهي بخش شر ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته لاڳيتي لاڪ ڊائون سبب سگهڙ ڪچهريون نه ٿي سگهيون آهن جنهن ڪري گهر ويهجي ويا آهيون. ڪچهرين ۾ سکڻ جو موقعو ملندو هو، دوستن سان حال احوال ڪندا هئاسين، هڪ ٻئي سان ڏک سور ونڊيندا هئاسين پر وڏي عرصي کان ڪچهريون نه ٿيڻ سبب ذهني مريض بڻجي ويا آهيون. هنن جو چوڻ هو ته ڪچهريون ۾محبوب مصطفيٰ جي سينگار جا بيت ٻڌي دل کي سڪون ملندو هو پر هاڻي ويڳاڻا بڻجي ويا آهيون. هن مشڪل وقت ۾ سگهڙن جي ڀلائي وارين تنظيمن توڙي سنڌ ثقافت کاتي به وساري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.